پاڪستان جو پهريون سيٽلائٽ خلائي مشن آئي ڪيوب چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو

news-details

اسلام آباد: (اربع: 08 مئي 2024ع) پاڪستان جو پهريون سيٽلائٽ خلائي مشن آئي ڪيوب چند جي مدار ۾ ڪاميابي سان پهچي ويو.


چانگ اي 6 مشن پاڪستاني سيٽلائيٽ آئي ڪيوب قمر کي ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ پهچائي ڇڏيو. آئي ڪيوب قمر جي ڊپلائمنٽ کان پوءِ ايس او پيز موجب سمورن ڊيلي سسٽمز جو جائزو ورتو ويندو.


ماهرين موجب سيٽلائٽ اميجنگ سسٽم جي آپريشنل ٿيڻ کان پهريان سمورين ڊيلي نظامن جي تصديق ۾ تقريبن هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ آئي ڪيوب قمر کان چنڊ جي پهرين تصوير 15 يا 16 مئي تائين ملڻ جو امڪان آهي.


آءِ ڪيوب قمر پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ لڳي 14 منٽن تي چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو جڏهن ته سيٽلائيٽ چنڊ تي مقرري کان پوءِ ڊيزائن ڪيل ٽيڪنيڪ  موجب ڪم ڪري رهي آهي.


چانگ اي 6 مشن 4 جون تي واپسي جو سفر شروع ڪندو. ان سلسلي ۾ 6 جون تي چانگ اي 6 مشن ڊاڪنگ ڪندو ۽ پروگرام موجب 53 ڏينهن تي ٻڌل مشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 25 جون تي زمين تي واپس لينڊ ڪندو.


ياد رهي ته پاڪستاني خلائي سائنسدان ڊاڪٽر خرم خورشيد ۽ ڊاڪٽر قمرالاسلام ان حوالي سان چين ۾ موجود آهن، ڊاڪٽر خرم خرشيد چيو آهي ته آئي ڪيوب جي آربٽ ٽيسٽنگ ۾ بيٽري ٽيسٽنگ ڪئي ويندي. آءِ ايس ٽي سيٽلائيٽ جي آن بورڊ ڪمپيوٽر کي چيڪ ڪندو. ايندڙ 5 ڏينهن تائين سيٽلائيٽ جي ڪميونيڪيشن سسٽم کي به ٽيسٽ ڪيو ويندو.