اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ: پاڪستان جي ٽئين فتح، ڪئناڊا کي 5 _ 4 تان شڪست

news-details

جڪارتا: (اربع: 08 مئي 2024ع) ملائيشيا ۾ جاري 30 هين سلطان اذلان شاهه ڪپ ۾ پاڪستان ڪئناڊا کي 5_4 سان شڪست ڏئي ايونٽ جي فائنل لاءِ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي آهي.


پاڪستان پوائنٽس ٽيبل تي چئن ميچن ۾ مجموعي طور ڏهه پوائنٽن سان فائنل کيڏڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.


ملائيشيا جي شهر ايپوا ۾ جاري ۾ سلطان اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان پنهنجي چوٿين ميچ ۾ ڪئناڊا کي شڪست ڏني.


پاڪستان جي نئين گول ڪيپر منيب الحرمان سان ميچ جو شروع ڪئي جڏهن ڪئناڊا راند جي پنجين منٽ ۾ سين ڊيوس ۽ 17 منٽ ۾ هربير سڌو جي مدد سان 2 گول اسڪور ڪري پنهنجي سرسي قائم ڪئي. پاڪستان ابوبڪر محمود ذريعي راند جي 28 هين ۽ 29 منٽ ۾ گول اسڪور ڪري ڪئناڊا سرسي ختم ڪري ڇڏي.


هاف ٽائيم کانپوءِ پاڪستان ٽيم جي تجربيڪار گوگل ڪيپر عبدالله اشتياق خان پاڪستان جي گول پوسٽ جو مورچو سنڀاليو.


ٽئين ڪوارٽر جي 36 هين منٽ ۾ ارشد لياقت، 44 هين منٽ ۾ راڻا وحيد اشرف ۽ 45 هين منٽ ۾ غضنفر علي گول اسڪور ڪري پاڪستان جي برتري کي مستحڪم بڻايو.


ڪئناڊا طرفان راند جي 45 هين منٽ ۾ سين ڊيوس گول اسڪور ڪيو، جڏهن ته 50 هين منٽ ۾ اووجوت بٽر فيلڊ گول اسڪور ڪري ڪئناڊا کي راند ۾ واپس آندو پر مقرر وقت تائين پاڪستان جي سرسي برقرار رهي.


ياد رهي ته ايونٽ ۾ ڇهه ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جنهن ۾ ميزبان ملائشيا کانسواءِ پاڪستان، ڏکڻ ڪوريا، جپان، نيوزيلينڊ ۽ ڪئناڊا جون ٽيمون شامل آهن، پاڪستان پنهنجي پول جي پنجين ميچ نيوزيلينڊ خلاف 10 مئي تي پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي کيڏندو.