رضوانا تشدد ڪيس: وڪيل جو ”سول جج جي زال آهي کيس ڇڏي ڏيو“ چوڻ تي جج ڪاوڙجي پئي

news-details

اسلام آباد: (خميس: 10 آگسٽ 2023ع) گهريلو ملازمه رضوانا تي تشدد جي ڪيس ۾ گرفتار سول جج جي گهرواري سوميه عاصم جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي وئي.
اسلام آباد جي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ اڄ جي ٻڌڻي دوران ٻارڙي کي بس اڏي تي ڇڏي وڃڻ جي سي سي ٽي وي وڊيو تي بحث ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل چيو ته وڊيو ۾ ٻارڙي کي صحيح سلامت والده حوالي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، سوميه عاصم سول جج جي گهرواري آهي، کيس ڇڏي ڏيو.
وڪيل جي دليل تي جج ڪاوڙجي پئي ۽ ريمارڪس ڏنائين ته جج جي گهرواري سوميه عاصم هتي جوابدار آهي، ٻيهر اهڙي ڳالهه نه ڪجو.