يو ايس ايڊ سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪجهه نوان منصوبا آڻي: وڏو وزير

news-details

ڪراچي: (جمعو: 22 مارچ 2024ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آمريڪي قونصل جنرل ڪونراڊ ٽريبل جي ملاقات، يو ايس ايڊ مشن جي ڊائريڪٽر ڪيٽ جي به شرڪت.


ملاقات دوران وڏي وزير چيو ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪجهه نوان منصوبا آڻي، يو ايس ايڊ مشن جي ڊائريڪٽر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جو منصوبو آڻڻ چاهيون ٿا.


وڏي وزير چيو ته ٻوڏ جي ڪري سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ اسڪولن جون عمارتون متاثر ٿيون آهن، چاهيون ٿا ته يو ايس ايڊ اسڪولن جي عمارتن جي تعمير ۾ سهڪار ڪري، ڪيٽ چيو ته يو ايس ايڊ اسڪولن جي مرمت ۾ ڀرپور سهڪار ڪندي.


وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 21 لک گهر متاثر ٿيا آهن، 5 هزار گهرن جي تعمير لاءِ فنڊز جاري ٿي چڪا آهن، هڪ هزار گهرن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي.


يو ايس ايڊ جي سربراهه چيو ته سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت بابت ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، وڏي وزير مختلف شعبن ۾ سهڪار تي يو ايس ايڊ جي ڊائريڪٽر جا ٿورا مڃيا.