سياسي معاملا صحيح ڪرڻ تائين ملڪ جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن: شاهد خاقان عباسي

news-details

لاهور: (آچر: 28  اپريل 2024ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سياسي معاملن کي صحيح ڪرڻ تائين ملڪ جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.


لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جنهن ملڪ ۾ سياسي انتشار هوندو ان ملڪ جي معيشت ڪمزور هوندي، وفاقي حڪومت جي جيڪا گڏيل آمدني آهي اها ان جو وياج به پورو نٿي ڪري سگهي. ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هوندي.


هن چيو ته  هي هاڻ بجيٽ ۾ عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهن، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو مطلب آهي اسان ناڪام ٿي وياسين، مهانگي بجلي خريد ڪري اوهان ڪنهن به سيڪٽر ۾ ڪم نٿا ڪري سگهو.


شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته  جنهن ملڪ ۾ عدل جو نظام نه هوندو اتي ترقي نٿي اچي سگهي. انصاف جو نظام صحيح ٿيڻ تائين ملڪ اڳيان نٿو وڌي سگهي، عوام تي بار وجهڻ جي بجاءِ گهٽ بار وجهڻ جي ضرورت آهي.


اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا تقريب کي خطاب ۾ چيو ته اسان کي بجيٽ جو خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ جي ضرورت آهي.