ڪي اين شاهه جي رهواسڻ معصوم نينگري کي پوليس 3 سالن کان پوءِ بازياب ڪرائي ورتو

news-details

خيرپورناٿن شاهه: (آچر: 28  اپريل 2024ع) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان 3 سال اڳ ڪاڇو واسي معصوم نينگري رحيمان ڌيءَ جاويد ڀرٽ کي پوليس پاران مختلف جاين تي سرچ آپريشن ڪري ڇاپا ھڻي مغوي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو آھي.


ان سلسلي ۾ ڪي اين شاھ جي ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ، ايس ايڇ او ڪي اين شاھ اسلم بلو، ايس ايڇ او ڪڪڙ منظور حسين مستوئي پوليس ساڻ ڪري مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي درگاهه سيد صالح شاهه وٽان ٽي سال اڳ اغوا ٿيل نينگري رحيمان ڀرٽ کي ھٿ  ڪري ورتو.


ڊي ايس پي خيرپور ناٿن شاهه عبدالخالق وڳڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نامعلوم جوابدار نينگري کي درگاهه صالح شاهه تي ڇڏي فرار ٿي ويا آهن جن کي گرفتار ڪرڻ لاء پوليس جو سرچ آپريشن پڻ جاري آھي.


ٻئي پاسي قانوني گھرجون مڪمل ڪري نينگري کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو آھي جڏهن ته اھڙي بھترين ڪاروائي ڪرڻ تي ايس ايس پي دادو خيرپور ناٿن شاهه پوليس جي ڪاروائي کي ساراھيو ۽ بازياب ٿيل نينگري جي وارثن ايس ايس پي دادو ۽ ڪي اين شاھ پوليس جا ٿورا پڻ مڃيا.