پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ معاشي پريشانين جو شڪار آهن: آءِ ايم ايف

news-details

رياض: (آچر: 28  اپريل 2024ع) آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ معاشي پريشانين جو شڪار آهن.


عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي سيشن کي خطاب ڪندي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي معاشي حالت خراب ٿي رهي آهي.


ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب دنيا کي 3.3 ٽريلين ڊالر جو نقصان پهتو. ڪورونا دوران گهٽ آمدني وارن ملڪن جي معيشت وڌيڪ متاثر ٿي.


هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي پريشانين جي باوجود ترقي ۽ معيشت بهتر آهي. اسان ترقي جي قدمن کي هن سال جي لاءِ بهتر ڪيو آهي. ايڊوانس معيشتن ۾ آمريڪا جي ڪارڪردگي سٺي آهي.


عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته وڌيڪ مهانگائي وارن ملڪن ۾ مهانگائي ۽ مالي خساري تي ڪنٽرول ڪرڻ اوليت ۾ شامل آهي.