ڀارتي دوائن کان پوءِ مصالحا به صحت لاءِ هاڃيڪار قرار، جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف

news-details

لاهور: (آچر: 28  اپريل 2024ع) ڀارتي دوائن کان پوءِ مصالحا به صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنا ويا آهن. ايم ڊي ايڇ  ۽ ايوريسٽ جي مصالحن ۾ ڪينسر پيدا ڪندڙ مواد جي موجودگي جو انڪشاف  ٿيو آهي.


پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي مصالحن ۾ جيت مار دوائن جو استعمال ڪيو ويو آهي. آمريڪي ريگوليٽر ايف ڊي ايف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. غير معياري هجڻ سبب ڀارتي مصالحن تي عالمي سطح تي پابندي لڳائي وئي آهي.


رپورٽون سامهون اچڻ کان پوءِ يورپي يونين فوڊ سيفٽي اٿارٽي ڀارتي مصالحن وارين ڪمپنين خاص طور تي ايم ڊي ايڇ ۽ ايوريسٽ تي مڪمل پابندي لڳائيندي انهن کي فوري طور تي مارڪيٽ مان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هانگ ڪانگ ۾ به ڀارتي ڪمپنين ايم ڊي ايڇ ۽ ايوريسٽ جي مصنوعات تي پابندي لڳائي وئي.


يورپي يونين جو ڀارتي مصالحن ۾ ڪينسر جو سبب بنجندڙ ايتهيلين آڪسائيڊ جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ به ڀارت جي مشهور مصالحن تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي.


عالمي سطح تي ڀارتي مصالحن تي پابندي ۽ ڀارت جي عالمي سطح تي بدنامي جي باوجود مودي سرڪار ڪن تي جونءَ به نه سُري.  گذريل چئن سالن دوران يورپي يونين جي فوڊ سيفٽي اٿارٽي 500 کان وڌيڪ ڀارتي مصالحن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.


رپورٽ موجب صرف ڀارتي مصالحا ئي نه پر ميوا، ڊرائي فروٽس، جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيون کاڌي جون شيون به عالمي سطح تي غير معياري قرار ڏنيون ويون آهن. ان کان اڳ ڀارتي فارماسوٽيڪل ڪمپنيون به عالمي سطح تي بدنام ٿي چڪيون آهن.