نئون ڪوٽ: پيٽرول ۾ ملاوٽ خلاف ڊرائيورن جو احتجاجي مظاهرو

news

نئون ڪوٽ: پيٽرول ۾ ملاوٽ خلاف ڊرائيورن جو احتجاجي مظاهرو

نئون ڪوٽ(رپورٽ:پيار علي نهڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان مٺي نئون ڪوٽ روڊ گلن موري تي قائم راضي شاهه پيٽرول پمپ تي پيٽرول ۾ ملاوٽ جي ڪري ڪافي چنگچي رڪشا موٽرسائيڪل سميت ٻين گاڏين جا انجڻ خراب ٿيڻ ڪري گاڏين مالڪن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته راضي شاھ پيٽرول پمپ مالڪ پنهنجي من ماني ڪري پيٽرول ۾ ملاوٽ ڪري ويڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري اسانجي گاڏين جا انجڻ تباهه ٿي ويا آهن، اسان ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر اي سي ڪلوئي کان مطالبو ڪيون ٿا ته پمپ مالڪ خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.