شھدادپور ۾ ھٿياربندن جو ڪار سوارن کان ست لک سٺ هزار رپيا ڦر

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شهدادپور ۾ شاهپور چاڪر روڊ تي ڪوس گهر وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 نامعلوم ھٿياربند ڦورن الحبيب بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ڪار ۾ سوار ٿي مقصودو رند ويندڙ شھر جي مشھور واپاري ۽ پيڍي مالڪ سيٺ ڪرشن لال ۽ موهن لال کي هٿيارن جي زور تي روڪي پسٽل لوندڙي تي رکي 7 لک 60 هزار روڪ رقم ڦر ڪري موٽرسائيڪلن تي چڙھي شھر ۾   فرار ٿي ويا.

جڏهن ته اھڙي واقعي بعد اطلاع تي پھتل شھر جي واپارين متاثر سيٺ ڪرشن چند جي اڳواڻي ۾ شاھپور چاڪر روڊ بند ڪري پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.

جڏهن ته پوليس واقعي واري جاءِ پھڇي متاثر واپاري کان سڄاڻ ورتي ۽ ناڪابندي ڪرائي ڏوھارين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي.