ڏھرڪي جي مسلم ڪالوني ۾ ھٿياربندن هٿان ٽئڪسي ڊرائيور قتل، ٻه ڄڻا زخمي

news

ڏھرڪي: اڄ صبح جو ڏھرڪي جي مسلم ڪالوني ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن ٽئڪسي ڊرائيور امان اللہ سميجو جي گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ ٽئڪسي ڊرائيور امان اللہ سميجو مارجي ويو.

جڏھن تہ سندس پيرسن پيءُ واحد بخش سميجو ۽ پيرسن ماءُ مائي مريم سخت زخمي ٿي پيا. ھٿياربند اھڙي واردات ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي ڏھرڪي پوليس پھچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڏھرڪي پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آھي مقتول ڌر جو مائٽن سان جھيڙو ھلندڙ ھو. پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو.