سجاول جو پريمي جوڙو بدين پهتو، تحفظ جي اپيل

news

بدين: سجاول شهر جي وارڊ 3 ميمڻ پاڙي جو رهواسي نوجوان سجاد ميمڻ ۽ سندس پريميڪا لطيف آباد 3 جي رهواسڻ عروسه ڌي محمد خليل شيخ سيشن ڪورٽ بدين جي اوٿ ڪمشنر ايڊوڪيٽ محمد حسن خاصخيلي وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي نڪاح ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ناري عروسه شيخ چيو ته گهران نڪري پسند جي شادي ڪئي جنهن سبب ناري عروسه جا مائٽ سخت ڪاوڙيل آهن.

اسان کي ۽ سجاد علي جي مائٽن کي جان کان ماري خون ڪرڻ ۽ وڌيڪ خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي بدين ۽ سجاول کان مطالبو ڪيو ته اسان کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.