ميرپورماٿيلو لڳ ڊاٽسن ۽ ٽرڪ وچ ۾ حادثو، ٻه ڄڻا فوت، ٻه زخمي

news

ميرپورماٿيلو: نئون ڪوٽ ويجهو ڏھرڪي مال پڙي ڏانهن چوپايو مال کڻي ويندڙ ڊاٽسن ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سونھانجڙو جو رھواسي گلڻ بوزدار ۽ يارو لنڊ جو رھواسي شاھ علي لنڊ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ صابر بوزدار ۽ افضل لاڙڪ زخمي ٿي پيا.

جڏهن ته 8 ٻڪريون به مري ويون آهن، هوڏانهن اطلاع تي زخمين ۽ فوتين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتين جا مڙہ سندس وارثن حوالي ڪيا ويا آھن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي ۽ سندن جو علاج پڻ ھلندڙ آھي.

ھوڏانھن ٻنھي فوتين جا مڙهه گھر پھچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام متل آھي. جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته ميرپور ماٿيلو پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.