انگلينڊ سان سيريز جون تياريون: قومي ٽيم اڄ کان ٻن سيشنز ۾ پريڪٽس ڪندي

news

لنڊن: (اربع 22 جولاءِ 2020ع) انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي تيارين جي لاءِ قومي ٽيم اڄ کان ٻيهر ٻن سيشنز ۾ پريڪٽس ڪندي.

هوڏانهن محمد عامر جو ٻيو ڪورونا ٽيسٽ اڄ ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ هو مانچسٽر روانو ٿيندو.

ڊربي شائر ۾ رهندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ کان ٻيهر ٽريننگ شروع ڪندي. روزاني ٻن سيشنز ۾ شيڊول پريڪٽس جي دوران رانديگر بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل فٽنس تي ڌيان ڏيندا. مصباح الحق سميت ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني هيٺ پريڪٽس ميچ جون خاميون هاڻ ختم ڪيون وينديون.