سجاول: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت ۾ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سردار رياض حسين لغاري جي زير صدارت دربار هال ۾ سماجي تنظيم هينڊز پاران ضلعي سجاول ۾ هلندڙ ماروي پراجيڪٽ ٻار جي صحت ۽ خانداني منصوبه بنديءَ بابت اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سردار رياض حسين لغاري چيو ته ننڍي عمر يا ارڙهن سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي ڪرڻ سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي هاڃيڪار اثر پون ٿا، ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ به تيزي سان اضافو ٿئي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته شادي 18 سالن کانپوءِ ڪرڻ گهرجي ۽  ٽي سالن تائين خانداني منصوبه بندي پڻ ضروري آهي، جنهن سان ماءُ ۽ ٻار ٻئي صحتمند رهندا. سماجي تنظيم هينڊز پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ سماجي تنظيمن، بهبودي آبادي ۽ صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ پروگرام مينيجر ريما مريم چيو ته ماروي ورڪرز جي مدد سان ضلعي سجاول جي هر يونين ڪائونسل ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ماروي ورڪر پنهنجي ڳوٺ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي بهتر زندگيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال جي منصوبه بندي ڪرڻ ضروري آهي. جنهن سان ماءُ ۽ ٻار گهڻين بيمارين کان بچي سگهن ٿا ۽ هن وڌيڪ چيو ته اسان جون تربيت يافته ماروي ورڪرز ڳوٺن ۾ وڃي مفت منصوبه بنديءَ جي جديد طريقن تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ ڳوٺاڻين عورتن کي صحت جي حوالي سان مُفيد صلاحون ۽ رهنمائي ڪنديون آهن.

هن وڌيڪ چيوته هن وقت اسين جنهن جگهه تي پهتا آهيون اها تشويشناڪ حد تائين خطرناڪ آهي، ان لاءِ جو ٻار جي ڄمڻ وقت ان جو وزن تمام گهٽ رهي ٿو، جنهن ڪري ٻار جو بچڻ مشڪل ٿي پئي ٿو. ان سان گڏوگڏ ٻار کي مناسب خوراڪ  يا ٻه سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ ضروري آهي، جيئن ٻار خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهجي ٿو آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سردار رياض حسين لغاري  هينڊز جي ماروي ورڪر پراجيڪٽ جي ساراهه ڪئي ۽ اداري سان سهڪار جاري رکڻ جو اظهار پڻ ڪيو.