ڪورونا وائرس: ڪينيا ۾ رات جو لڳايل ڪرفيو ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي

news

نيروبي: (اڱارو 28 جولاءِ 2020ع) ڪينيا ۾ رات واري ڪرفيو ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي لاءِ واڌ ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب رات جي ڪرفيو ۾ واڌ جو اعلان ڪينيا جي صدر اوهورو ڪنياٽا قوم کي خطاب دوران ڪيو. ڪينيا جي صدر ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن جي لاڪ ڊائون کان انڪار ڪندي چيو ته اسان هڪ لڪل دشمن جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون.

واضح رهي ته ڪينيا ۾ به عالمي وبا ڪورونا وائرس جي وڪڙ ۾ آهي ۽ هينئر تائين اتي 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 250 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.

عالمي وبا ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾  6 لک 56 هزار 550 فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ هڪ ڪروڙ 66 لک 44 هزار 67 ڄڻا متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هڪ ڪروڙ 2 لک 32 هزار 50 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 44 لک 33 هزار 410 ٿي ويو آهي ۽ فوتين جو گڏيل انگ هڪ لک 50 هزار 444 تائين پهچي ويو آهي.