پاڪستان ۾ ڪورونا مريضن ۽ فوتگين ۾ اسي سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي: وال اسٽريٽ جرنل

news

ڪراچي: پاڪستان ۾ جتي ٻه مهينا پهرين ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو هو، اتي هاڻ صورتحال ڊرامائي طور تي تبديل ٿي چڪي آهي ۽ وبا کان متاثر مريضن ۽ فوتگين ۾ 80 سيڪڙو نمايان گهٽتائي ٿي آهي.

آمريڪا جي مشهور رسالي وال اسٽريٽ جرنل تحرير ڪيو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ وائرس کان متاثر شهر ڪراچي سميت وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ قائم ڪورونا وارڊز ۾ جتي ڪورونا سان متاثر تمام گهڻا مريض موجود هئا، هاڻ اتي مريضن ۾ گهٽتائي سبب بيڊ خالي ٿي رهيا آهن.

اخبار جو چوڻ هو ته وينٽي ليٽرز تي موجود مريضن جو انگ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ اڌ ٿي وئي آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن ۾ گهٽتائي اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن پاڪستان جي ڏکڻ ۽ اولهه جي پاريسڙي ملڪن ايران ۽ ڀارت ۾ متاثر مريضن جي انگ ۾ لڳاتار واڌارو ٿي رهيو آهي.

اخبار لکيو آهي ته پاڪستان ۾ اها اڳڀرائي وزيراعظم عمران خان جي طرفان عالمي صحت واري اداري جي هدايتن جي ابتڙ قدمن بعد ٿي، جنهن مئي ۾ چيو هو ته لاڪ ڊائون سان غريبن سميت ملڪي معيشت شديد متاثر ٿي رهي آهي.

پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ رپورٽ ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن سپر پاور آمريڪا بي پناهه وسيلن باوجود وبا جي روڪٿام لاءِ اڃا تائين ڪوششون ڪري رهيو آهي.