نوابشاهه ۾ گذريل ڏينهن اغوا بعد قتل ڪيل محمود ڀٽي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) گذريل ڏينهن قتل ٿيل مقتول محمود ڀٽي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث گهر کڻائي ويا.

جنهن بعد سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جتي مختلف مڪتب فڪر جي سوين ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقتول محمود ڀٽي کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ٻئي طرف مقتول محمود ڀٽي کي اغوا ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچي ويا آهن، جنهن ۾ جوابدار مقتول محمود ڀٽي کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري رهيا آهن.