انسٽاگرام ۽ فيس بڪ کي گڏ ڪرڻ واري عمل ۾ اهم اڳڀرائي

news

نيويارڪ: (اڱارو 08 سيپٽمبر 2020ع) مشهور سوشل ميڊيا ايپليڪيشن انسٽاگرام ۽ فيس بڪ کي گڏ ڪرڻ جي عمل ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب نئين فيچر جي تحت انسٽاگرام صارفين پنهنجي اسٽوريز فالورز کي فيس بڪ تي به ڏيکارڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا.

رپورٽ موجب هن فيچر جي استعمال جي لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي هن فيچر جي چونڊ ڪئي هجي جڏهن ته پنهنجا فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ گڏ لنڪ ڪيا هجن.

ڪمپني موجب فيس بڪ تي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان کي انسٽاگرام تي فالو نٿا ڪن اهي انسٽاگرام اسٽوري  به نه ڏسي سگهندا. جڏهن ته اسٽوري ويوز ۽ ريپلائيز انسٽاگرام تي ئي نظر ايندا.

ياد رهي ته ان کان اڳ فيس بڪ باني مارڪ زگربرگ فيس بڪ ميسنجر، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. 

برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب ميسيجنگ سروس ضم ٿيڻ کان پوءِ فيس بڪ صارف واٽس ايپ استعمال ڪندڙ صارفين سان ڳالهائڻ جو مجاز هوندو. فوري طور تي اهو ممڪن آهي ڇو ته ايپليڪيشنن جو مرڪز گڏيل نه آهي. ايپلي ڪيشن جي ضم ٿيڻ کان پوءِ مختلف ڪاروباري ادارا ۽  ماڻهو هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ پليٽ فارمن تان هڪ ئي وقت ۾ پنهنجا پيغام موڪلڻ جا مجاز هوندا.

  بي بي سي موجب فيس بڪ آساني سان ٽنهي ايپلڪيشن جو ڊيٽا شيئر ڪري سگهي ٿو. هن وقت فيس بڪ، ميسنجر، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام هڪ ٻئي جا مخالف سمجهيا ويندا آهن.