ڏوڪري ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ڏوڪري تعلقه صدر عبدالغني ٿهيم، باقراڻي تعلقه صدر مينهل خان جيسر،اڳواڻو تعلقه صدر ڏوڪري غلام مصطفيٰ جوڻيجو، عابد علي ابڙو، بخشل خان ٿهيم، محمد علي ڪنڀر، عبدالغفار ساريو، محمد يونس جلباڻي، امتياز علي ميراڻي، الطاف حسين ٻگهيو، هريش اوڏ، اسلم جسڪاڻي، باقراڻي جنرل سيڪريٽري دامن علي جتوئي، عبداللطيف آريجو ۽ ٻين  شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان کي ٽائيم اسڪيل، اپ گريڊ، ڪلارڪ پروموشن، وردي الائونس پگهار ۾ ضم ڪرڻ، هائوس رينٽ وڌائڻ سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن.