ڇا هاڻ واٽس ايپ تي موڪليل تصويرون ۽ وڊيوز پاڻ ئي ڊيليٽ ٿي ويندا؟

news

لنڊن: (اربع 23 سيپٽمبر 2020ع) پيغام پهچائڻ جي مشهور ايپ واٽس ايپ(سيلف ڊسٽرڪٽو ميسج)سان گڏ هاڻ(سيلف ڊسٽرڪٽو فوٽوز ۽ وڊيوز) جو فيچر متعارف ڪرائڻ واري آهي.

واٽس ايپ ۾ ٿيندڙ تبديلين تي نظر رکندڙ ويب سائٽ واٽس ايپ بيٽا انفو موجب هي فيچر ان کان اڳ واٽس ايپ طرفان اعلان ڪيل ايڪسپائرنگ ميسج فيچر ۾ واڌ آهي جنهن کي ايڪسپائرنگ ميڊيا چيو ويندو. صارفين وٽ اهو آپشن موجود هوندو ته هو سيلف ڊسٽرڪٽو ميسج جي هن فيچر کي ان ايبل ڪري ڪنهن کي به تصويرون، وڊيوز يا جي آءِ ايف موڪليندا ته هو موڪليندڙ شخص کي ڏسڻ کان پوءِ چيٽ ونڊو مان فورن غائب ٿي ويندي.

واٽس ايپ جو هي فيچر في الحال آزمائشي مرحلن ۾ آهي جڏهن ته هن فيچر کي ايپ ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ واٽس ايپ صرف سيلف ڊسٽرڪٽو ٽيڪسٽ جو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ صرف ٽيڪسٽ ميسج غائب ٿيڻ شامل هو.