عمران خان کان سواءِ هر پارٽي ڊڪٽيٽر جي دور جو حصو رهي چڪي آهي: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 26 سيپٽمبر 2020ع) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان ڪنهن به مارشل لا جو حصو نه آهي. جڏهن ته اپوزيشن جي هر پارٽي ڊڪٽيٽر جي دور جو حصو رهي چڪي آهي.

قطري نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت جا عدليه ۽ عسڪري ادارن سميت هر هڪ سان سٺا لاڳاپا آهن. پاڪستان جي فوج اهوئي ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو حڪومت ۽ ڪيبينيٽ چاهي ٿي. حڪومت ان ڳالهه جو فيصلو ڪندي آهي ته ڪهڙي ملڪ ۽ اداري جو پاڪستان جي ترقي ۾ ڪيترو ڪردار هوندو. حڪومت هم آهنگي سان سمورن ادارن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اپويشن کي اها ڳالهه پسند نه آهي.

فواد چوڌري چيو ته عمران خان ڪيترائي ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ناڪام رهيو. پر 22 ساله سياسي جدوجهد کان پوءِ کيس ڪاميابي ملي ۽ هو ويراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو. عمران خان ڪنهن به مارشل لا جو حصو ناهي رهيو. جڏهن ته اپوزيشن جي هر پارٽي ڊڪٽيٽر جي دور جو حصو رهي چڪي آهي. ڪوبه اپويشن اڳواڻ عمران خان جي عوامي مقبوليت  جيتري دعويٰ  نٿو ڪري سگهي هو نه صرف اڄ پر  ٻه سال اڳ چونڊن جي وقت به ملڪ جو سڀني کان وڌيڪ مشهور ليڊر هو.

عمران خان کي ووٽ جي ذريعي عوام وزيراعظم بنايو آهي نه ئي وري ڪنهن ملڪي اداري. اسان کي ڪنهن ٻئي نه پر عوام چونڊ ڪيو آهي. وفاقي وير چيو ته سي پي پاڪستان جي لاءِ هينئر تائين جو سڀني کان اهم ترين منصوبو آهي جيڪو تيزي سان جاري آهي.

ڀارت لاڳيتو سي پيڪ ۾ پريشانيون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي اسان جي معيشت جي بحالي لاءِ س يپيڪ اهم آهي ۽ هن منصوبي جو سيڪيورٽي اينگل آهي. جنهن جي ڪري هن منصوبي کي محفوظ بنائڻ لاءِ اسان کي ملٽري جي مدد گهرجي. پاڪستاني فوج سي پيڪ منصوبي ۽ سيڪيورٽي لاءِ  ۽ ان جي تڪميل لاءِ پنهنجو ڪردار چڱي ريت نڀائي رهي آهي.