پاڪستان سپر ليگ فائنل: ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز اڄ مهاڏو اٽڪائيندا

news

ڪراچي: (اڱارو 17 نومبر 2020ع) پاڪستان سپر ليگ 2020 جو فائنل اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو ايونٽ جي فائنل ۾ پهتيون آهن ۽ سوڀ ماڻڻ لاءِ پرعزم آهن. ميچ رات جو اٺين وڳي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

پلي آف مرحلي ۾ ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ جڳهه ٺاهي.  پي ايس ايل ۾ ٻئي ٽيمون هينئر تائين 10 ڀيرا آمهون سامهون ٿيون آهن ڇهه ڀيرا سوڀ ڪراچي ته چار ڀيرا لاهور جي حصي ۾ آئي آهي. هلندڙ سيزن ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ميچ ٿيا.

هڪ ميچ ڪنگز ۽ هڪ قلندرز پنهنجي نالي ڪيو. ڪراچي ڪنگز وٽ بابر اعظم ۽ محمد عامر جهڙا بهرين رانديگر آهن. لاهور قلندر ۾ ان فارم محمد حفيظ ۽ شاهين آفريدي به ڌوم مچائڻ لاءِ تيار آهي. لاهور طرفان ڊيويڊ ويزي به اهم رانديگر آهي ۽ ڪراچي ڪنگز کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو.

ڊيوڊ ويزي گذريل ميچ ۾ 48 رنسون  ٺاهيون ۽ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. لاهور قلندرز آخري ميچ ۾ ملتان سلطانز کي 25 رنسن تان  شڪست ڏني هئي. قلندر طرفان ڊيوڊ ويزي ۽ حارث رئوف بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.