داد لغاري ويجھو ڳوٺ ڳڙھي چاڪر ۾ رولو ڪتن ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) ڳڙھي چاڪر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن 60 سال جي پيرسن ۽ 15 سالن جي نينگر کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو.

خبر موجب داد لغاري ويجھو ڳوٺ ڳڙھي چاڪر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي، رولو ڪتن ٻن ڄڻن پيرسن نصراللہ ملڪ ۽ نينگر فراز کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري وڌو، جنھن بعد زخمين کي وارث ڳڙھي چاڪر اسپتال کڻائي آيا، ويڪسين نه ملڻ ڪري کين بعد ۾ سول اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو.