مسلم ليگ (ن) پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کان ٻن ڏينهن ۾ استعيفيٰ گهري ورتا

news

لاهور: اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل جماعت مسلم ليگ (ن) اسيمبلي ميمبرن کان ٻن ڏينهن ۾ استعيفيٰ گهري ورتا آهن.

پي ڊي ايم جي طرفان اتحاد ۾ شامل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي 31 ڊسمبر تائين پارٽي قيادت وٽ استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏئي چڪي آهي.

مسلم ليگ (ن) استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي ڊيڊ لائن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ايندڙ 8 ڏينهن بدران 2 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

مسلم ليگ (ن) اسيمبلي ميمبرن کي 31 ڊسمبر بدران 23 ڊسمبر تي استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنجاب اسيمبلي مان استعيفيٰ جمع ڪرائڻ لاءِ 15 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جڏهن ته (ن) ليگ جي ذريعن موجب حمزه شهباز پنهنجو استعيفيٰ سينئر ميمبر کي ڏيندو.