ميرپورماٿيلو: جلسي جي حوالي سان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جو اجلاس، عوام کي شرڪت جي اپيل

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع گهوٽڪي جي صدر مير بابر خان لنڊ جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ هن چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي ۽ پي ڊي ايم پاران رٿيل جلسي ۾ پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جا عهديدار ۽ ورڪر شرڪت ڪندا.

 هن چيو ته 27 ڊسمبر اسان لاءِ اهم ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، اهو ڏينهن اسان کي هميشه ياد رهندو، مير بابر علي خان لنڊ ضلعي گهوٽڪي جي عوام، پارٽي عهديدارن ۽ ورڪر ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

اجلاس ۾ هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ خلاف نيب پاران بي بنياد الزامن جي مذمت ڪندي فوري طور آزاد ڪرڻ توڙي ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن پ پ پ سٽي صدر عبدالخالق سومرو مٿان ٿيل تشدد جي مذمت ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جو مطالبو ڪيو.