ميدان خالي نه ڇڏينداسين، پ پ سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي: مراد علي شاهه

news

لاڙڪاڻو: (ڇنڇر 26 ڊسمبر 2020ع سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي ميدان خالي ناهي ڇڏڻو. پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي قبرن تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجون استعيفائون بلاول ڀٽو وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. استعيفائن  بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.

سينيٽ چونڊن بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ميدان خالي ناهي ڇڏڻو. پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. شهيد راڻي جي ورسي جي حوالي سان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائينداسين.