پنوعاقل جو برک تعليمي ماهر استاد غلام محمدي ڊگهي بيماري بعد لاڏاڻو ڪري ويو، اباڻي قبرستان ۾ تدفين

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل جي برک تعليمي ماهر، اي بي ماڊل اسڪول دادلوءِ جو پرنسپال استاد غلام محمدي ڊگهي بيماري بعد رات دير سان سکر جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. جنهن جي جنازي نماز سندس ڳوٺ دادلوءِ ۾ سندس ڀائٽيي حافظ محمد ياسين جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي.

جنهن ۾ سندس خاندان جي اسلم محمدي، پروفيسر فدا حسين، رٽائرڊ جج ظفر محمدي، نصرت حسين، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايي، نامياري اديب، ڪالم نگار بدر سميجو، پ پ ضلعي گهوٽڪي جو اڳوڻو صدر عبداللطيف شاھه، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جي صدر قربان علي ملاڻو، تحريڪ امن جي چيئرمين حافظ رفيق احمد سومري، ناميارو قانوندان  عبدالرزاق مهر، پ پ اڳواڻ سليم غني ڪلوڙ، پي ٽي آئي اڳواڻ سردار زاده پپو خان چاچڙ، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائس پرنسپال ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر، مسلم ليگ ن جو صوبائي اڳواڻ حافظ صادق سميجو، پ پ اڳواڻ سيد اجمل شاھ موسوي، غلام قادر شيخ وڪيل، گهوٽڪي جي ڄام فيض محمد لکڻ، سيد غلام ميران شاھه، سنڌي ادبي سنگت شاخ پني عاقل جي سيڪريٽري مير حيات رضوي ۽ ڪامريڊ عبيد ميراڻي سميت مختلف شعبن سان واڳيل شخصيتن، علائقي ۽ برادي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ کيس بگو شير بادشاهه جي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.