مبارڪپور ڀرسان گھر کي باهه لڳڻ سبب صدمي ۾ نوجوان پورھيت فوت

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان گھر کي باهه لڳڻ سبب صدمي ۾ نوجوان پورھيت دماغ جي رڳ ڦاٽڻ ڪري فوت، گھر ۾ قھرام، نوجوان پورھيت جي اچانڪ موت سبب علائقي ۾ سوڳ ڇانيل.

خبر موجب مبارڪپور ڀرسان ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ سردار خان مھر جي رھواسي 35 سالن جو نوجوان پورھيت عبدالغفار مستوئي جي گھر کي ڇھن مھينن ۾ ٻيو ڀيرو باهه لڳي وئي، جنھن سبب گھر جو مڪمل سامان سڙي رک ٿي ويو.

گھر کي باهه لڳندي ڏسي نوجوان کي اچانڪ فالج جو اٽيڪ ٿي پيو، جنھن جي حالت مسلسل خراب ھجڻ ڪري رات دير سان ھو فوت ٿي ويو، نوجوان پورھيت جي اچانڪ موت جو ٻڌي علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.