ٽنڊوڄام ۾ شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ناجائزين خلاف احتجاج

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ۾ شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن پاران سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي برطرف ڪيل 266 ملازمن جي بحالي ۽ مانجھند جي ملازمن جي ستن مھينن کان بند ڪيل پگھار جاري ڪرڻ لاءِ حسنين لغاري، حيدر علي خاصخيلي، ستار ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي پھرين به بلاجواز برطرف ڪيو ويو ھو پر انهن کي سکر ھاءِ ڪورٽ پاران بحال ڪيو ويو ھو، ھاڻي ٻيھر ايڊمنسٽريٽر سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران ملازمن کي جبري طور برطرف ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي آھي.

ھنن چيو ته مانجھند انتظاميه پاران ٽائون ڪميٽي مانجهند جي ملازمن جي پگھار بند ڪئي ويئي آهي، جنھن کي ست مھينا گذري چڪا آهن پر پگھار جاري نه پئي ڪئي وڃي، جنھن سبب مانجھند جا ملازم فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سکر جي برطرف ملازمن کي فوري بحال ڪيو وڃي ۽ مانجھند جي ملازمن کي ستن مھينن جي پگھار جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.