جنوري جو آخري هفتو به اچي ويو، اپوزيشن جا استعيفيٰ آيا نه لانگ مارچ ٿيو: فردوس عاشق

news

لاهور: (آچر 24 جنوري 2021ع) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڊسمبر گذري ويو، جنوري جو آخري هفتو به اچي ويو، اپوزيشن ميمبرن جا نه استعيفيٰ آيا ۽ نه ئي وري لانگ مارچ ٿيو.

فيبروري ۽ مارچ به ايندا ۽ اهي به ائين ئي گذري ويندا. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ڊي ايم جي بي  اعتمادي واري تحريڪ ٻيهر نه ايندي هي ڪاغذي شينهن آهن. جعلي راجڪماري، شهزادو ۽ مولانا ۾ اختلاف سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته هي ناجائز اتحاد گهڻو وقت نه هلي سگهندو.

ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ جي شهزادي پنهنجي چال هلڻ شروع ڪري ڏني آهي. جعلي راجڪماري به آس لڳائي ويٺي آهي. ڪنيزن جا چهرا پيلا ٿي ويا آهن ۽ سندن زبان به ساٿ ناهي ڏئي رهي. پي ڊي ايم جو مريل گهوڙو مرده ٿي چڪو آهي. مولانا هاڻ هن غير فطري اتحاد جو جنازو پڙهائڻ جي تياري ڪري. مولانا کان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو هونئن ئي ٿيڻو هو. جن ماڻهن ڪورونا وبا دوران عوام جي زندگين جي پرواهه ناهي ڪئي هاڻ اهي پاڻ عبرت جو نشان بڻجي چڪا آهن.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 485 نوان مريض رپورٽ ٿيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 24 مريض فوت ٿي ويا آهن. پنجاب ۾ فوتين جو گڏيل انگ 4561 ٿي چڪو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19090 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا.  هينئر تائين 2810638 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.