جاپاني عورت مئل ماءُ جو جسم ڏهن سالن تائين فريزر ۾ لڪائي رکيو

news

ٽوڪيو: (ڇنڇر 30 جنوري 2021ع) جاپان ۾ عورت پنهنجي مئل ماءُ جو جسم 10 سالن تائين فريزر ۾ لڪائي رکيو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب 48 ساله عورت يومي يوشينو جو چوڻ هو ته  هن پنهنجي والده جي لاڏاڻي کان پوءِ گهر مان بيدخل ٿيڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي والده جي لاش کي 10 سال اڳ فريزر ۾ لڪائي ڇڏيو هو.

پوليس موجب عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪا ٽوڪيو جي هڪ فليٽ ۾ رهندڙ هئي ۽ ان جي امڙ جي فوتگي 60 سالن جي عمر ۾ ٿي هئي جنهن ميونسپل هائوسنگ ڪامپليڪس ۾ فليٽ ليز تي ورتو هو. گرفتار عورت يوشينو کي هلندڙ  مهيني  ڪرايو نه ڏيڻ سبب فليٽ ڇڏڻ جو چيو ويو هو ۽ صفائي جي دوران ڪمري ۾ موجود  فريزر مان لاش ملي.

پوليس موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي پر موت جو وقت ۽ سبب خبر نه پئجي سگهي آهي.