نئون ڪوٽ ۾ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) پوري ملڪ جيان نئون ڪوٽ ۾ به ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول نئون ڪوٽ پاران شاهي بازار کان پريس ڪلب ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول فقير سليمان چانڊيو جي شاگردن ۽ استادن پاران فقير سليمان چانڊيو کان گل موري تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا هنيا ويا ۽ ان موقعي تي استادن يعقوب چانڊيو، رزاق خاصخيلي، ممتاز قاسماڻي، حفيظ ساھڙ، علي رضا قائمخاني، ٽي ايم او نئون ڪوٽ عبدالڪريم ڀنڀرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  ڪشمير جي مظلوم ماڻهن سان اسان گڏ آهيون، انهن کي پنهنجي مرضي موجب جيئڻ  جو حق  ڏنو وڃي.