نئون ڪوٽ ڀرسان رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر جي ڪپرن تي اڏيل غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي، دڪان ۽ هوٽلون ڊاهي پٽ

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان رحمان آباد اسٽاپ تي رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر جي ڪپرن تي اڏيل غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪيترائي دڪان هوٽلون ڊاهي پٽ.

تفصيل موجب نئون ڪوٽ ڀرسان رحمان آباد اسٽاپ وٽ رڻ شاخ جي ڪپرن تي غير قانوني اڏاوتن خلاف ايريگيشن ايس ڊي او شاڪر ميمڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪلوئي فيصل نور جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو آپريشن دوران رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر جي ڪپرن تي اڏيل 60 دڪان، 10 هوٽلون، هڪ پيٽرول پمپ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

رابطو ڪرڻ ايس ڊي او ايريگيشن شاڪر ميمڻ ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي اسان غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ٻه مهينا اڳ رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر جي ڪپرن تي آباد غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ انتظاميا  نوٽيس پڻ ڏنا هئا، جنهن بعد  اڄ ڪارروائي ڪندي حددخليون هٽايون آهن.