ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪڻڪ جي پوکي تيار، لابارا شروع، خريداري سينٽر نه کليا، آبادگار پريشان

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪڻڪ جي پوکي تيار، لابارا شروع، ضلعي ٽنڊو محمد خان  اندر خريداري جا سينٽر نه کلي سگهيا، واپاري آبادگارن کان سرڪاري اگھ تي  2 ھزار رپيا في مڻ تي گھٽ وٺڻ لڳا، جڏھن ته 1800 رپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪري آبادگارن کي ٻنهي ھٿن سان ڦرڻ لڳا، جڏھن ته خريدار سينٽر نه کلڻ ڪري آبادگارن کي  باردانو نه ٿو ڏنو وڃي.

ٻئي طرف جڏھن ته  ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪڻڪ جا لابارا شروع ٿي ويا

هوڏانهن حڪومت پاران سنڌ ۾ خوراڪ کاتي پاران اڃان تائين خريداري سينٽر قائم ڪري نه سگھيا  آهن، جڏھن ته  ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف ضلعن مان واپاري پھچي ويا آهن، جڏھن ته حڪومت سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران اڃان بارداني جو بندوبست نه ڪيو آھي، آبادگارن ۾ سخت تاءُ ڦھليل آھي.