جسپريت بمرا ٽي وي اينڪر سنجنا سان شادي جو فيصلو ڪري ڇڏيو

news

نئين دهلي: ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا ٽي وي ميزبان سنجنا گنيسن سان شادي رچائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

جسپريت بمرا ڀارتي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو هو پر ذاتي سببن جي ڪري چوٿين ميچ کان اڳ موڪل ورتي هئي، هو هلندڙ مهيني شادي ڪري رهيو آهي پر اڃان تائين سنجنا ۽ بمرا ان جي تصديق نه ڪئي آهي.

ياد رهي ته سنجنا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ، پريميئربيڊمنٽن ۽ آءِ پي ايل فرنچائيز ڪولڪتا نائٽ رائيڊر لاءِ به اسپورٽس ٽي وي جي ميزباني ڪري چڪي آهي.