ويرات ڪوهلي هڪ ٻيو سنگ ميل پار ڪري ورتو

news

نئين دهلي: ڀارتي ڪپتان ڪوهلي ڪيريئر ۾ هڪ ٻيو وڏو سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي.

ويرات ڪوهلي سچن ٽنڊولڪر کانپوءِ پنهنجي ملڪ ۾ 10 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو، ٽنڊولڪر ڀارت ۾ 14192 انٽرنيشنل رنز 313 اننگز دوران 50.32 سان ٺاهيون، جنهن ۾ 42 سينچريون به شامل هيون.

جڏهن ته ويرات ڪوهلي صرف 195 ميچن ۾ 10 هزار 2 رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن جڏهن ته هن پنهنجي ملڪ ۾ 32 رنسون اسڪور ڪيون.

ٽنڊولڪر پنهنجي ملڪ ۾ 52.67 سان 7216 ٽيسٽ رنز اسڪور ڪيون جڏهن ته ڪوهلي64.31 جي ايوريج سان 43 ميچز ۾ 3730 رنز ٺاهيون آهن.