ڪروشيا جي رهواسي چوويهه منٽ ٽيٽيهه سيڪنڊ ساهه روڪڻ جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

news

لنڊن: (اڱارو 30 مارچ 2021ع) ڪروشيا سان تعلق رکندڙ پاڻي ۾ ساهه روڪي رکڻ جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. سبوتا نالي ٽوٻي جنهن جي عمر 54 سال آهي ان پاڻي ۾ 24 منٽ 33 سيڪنڊن تائين ساهه روڪي رکيو. ان کان اڳ ان جو رڪارڊ 24 منٽ 11 سيڪنڊ هو.

اهو رڪارڊ هن ڪروشيا جي شهر سساگ ۾ ٺاهيو ۽ ان کان اڳ هن ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب ٽريننگ به ڪئي هئي. هن عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ کان اڳ مختلف قسمن جون مشقون ڪيون جنهن جي مدد سان ان جي جسم ۾ اندروني طور تي آڪسيجن پيدا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي.

ياد رهي ته هن کان اڳ هو باڊي بلڊنگ ڪندو هو. سالن جي ٽريننگ کان پوءِ هن پنهنجي جسم کي ٽرينڊ ڪيو آهي ته هو دماغ ۽ ٻين حصن کي آرام سان آڪسيجن فراهم ڪري. پاڻي جي ٻاهر هو عالمي رڪارڊ کان ٻيڻي وقت تائين پنهنجو ساهه روڪي سگهي ٿو.

هن چيو ته مون کي خبر هئي ته هي هڪ خطرناڪ ڪم آهي پر مون چاهيو ٿي ته مان پنهنجو ئي ٺاهيل رڪارڊ  ٽوڙيان. هن اهو خطرو ان لاءِ ورتو ته جيئن هو پنهنجي علائقي لاءِ ڪجهه فنڊ جمع ڪري سگهي جيڪو گذريل سال ڊسمبر ۾ زلزلي سبب  متاثر ٿيو هو.