سڪينه سمون هڪ ٻي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

لاهور: صدارتي  ايوراڊ جو اعزاز حاصل ڪندڙ هدايتڪاره ۽ پروڊيوسر سڪينه سمون هڪ ٻي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ سڪينه سمون جو چوڻ هو ته الله جو ڪرم آهي جو آئون پنهنجي ايندڙ فلم جي تفصيل بابت اعلان ڪري رهي آهيان، مونکي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته شهريار، منور صديقي ۽ اسد صديقي ڪاسٽ ۾ شامل آهن.

سڪينا سمون جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي هيءَ فلم سچن واقعن ۽ ڪريڪٽرز تي مشتمل رومانوي ڪهاڻي هوندي، ان جو اسڪرپٽ اهڙو آهي جنهن جو آئون ورهين کان انتظار ڪري رهي هئس.