آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ، چار ڄڻا مارجي ويا، ٻه زخمي

news

واشنگٽن:(خميس 01 اپريل 2021ع)  آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فائرنگ جو واقعو ڪيليفورنيا جي علائقي اورنج ڪائونٽي ۾ پيش آيو. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس  ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو اهي. 

ياد رهي ته گذريل هفتي آمريڪي رياست ڪولوادو ۾ هٿياربند شخص جي فائرنگ سبب گهٽ  گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا هئا.