اجي ديوگن ڪاجول سان پهرين ملاقات کان پوءِ ٻيهر نه ملڻ جو فيصلو ڇو ڪيو هو؟

news

ممبئي: (ڇنڇر 03 اپريل2021ع) بالي ووڊ جي اداڪا اجي ديوگن چيو آهي ته ڪاجول سان پهرين ملاقات کان پوءِ مون کي اهو محسوس ٿيو ته هي مغرور آهي جنهن کان پوءِ اداڪاره سان ڪڏهن به نه ملڻ جو فيصلو ڪيو هو.

بالي ووڊ ۾ پوليس فورس تي سنگهام جهڙيون ڪامياب فلمون ٺاهيندڙ اداڪار اجي ديوگن 90 جي ڏهاڪي جي ڪامياب اداڪاره ڪاجول سان 1999ع ۾ شادي ڪئي هئي جنهن مان ان کي 2 ٻار به آهن. اجي ديوگن ۽ ڪاجول جون شخصيتون تڪراري هجڻ جي باوجود هن جوڙي جو شمار بالي ووڊ جي ڪامياب جوڙين  ۾ ٿيندو آهي. ڪاجول جي شخصيت بابت ته سڀني کي خبر آهي ته هو گهڻو ڳالهائيندڙ ۽ هر لمحي کي انجواءِ ڪندڙ اداڪاره آهي پر ان جي ابتڙ اجي ديوگن گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ سنجيده شخصيت جو مالڪ آهي.

هڪ انٽرويو ۾ اجي ديوگن پهريون ڀيرو اهو انڪشاف ڪيو آهي ته مان ڪاجول سان پهرين ملاقات کان پوءِ ڪڏهن به  نه ملڻ چاهيو ٿي. اسان جي پهرين ملاقات فلم هلچل جي شوٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ٿي جنهن کان پوءِ اداڪاره سان ملڻ جو شوق ڪڏهن به نه ٿيو.

اداڪار وڌيڪ چيو ته اسان وچ ۾ پيار شروع ٿيو جنهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئي کي وقت ڏنو ايستائين جو اسان کي محسوس ٿيو ته هاڻ اسان باقي جي زندگي گڏ گذاري سگهون ٿا. پر ان دوران اسان ڪڏهن به هڪ ٻئي سان محبت جو اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن شادي بابت ڳالهيون ڪيون. پر اسان جو ارادو شروع کان ئي شادي جو هو پر اسان هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ وقت ڏيڻ چاهيو ٿي.