سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي بابت پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو

news

ڪراچي: (سومر 05 اپريل2021ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي جي صحت تي پوندڙ اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي تي پابندي لڳائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت درخواست ڏيندڙ کان سوال ڪيو ته ٻڌايو 5 جي ٽيڪنالاجي ڪيئن صحت لاءِ خراب آهي؟ ڇا  فائيو جي جو ڪنهن کي لائسنس ڏنو ويو آهي؟ درخواست ڏيندڙ ٻڌايو ته 5 جي ٽيڪنالاجي انساني صحت، ماحول ۽ آب هوا جي لاءِ نقصانده آهي ۽ 5 جو جو باقاعده لائسنس  ڪنهن کي به جاري ناهي ٿيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي اي اختياريون وضاحت ڏئي سگهنديون ته ڇا 5 جي جا خراب اثر پئجي سگهن ٿا. دنيا انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ اڳيان وڌي رهي آهي ۽ اسان پابندي لڳايون؟ اسان پي ٽي اي جي جواب کان پوءِ ئي ڪارروائي اڳيان وڌائينداسين. جنهن کان پوءِ عدالت فائيو جي ٽيڪنالاجي بابت پي ٽي اي اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.