حڪومت جهانگير ترين سان رابطو ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جي فهرست تيار ڪري ورتي

news

اسلام آباد: (اربع 07 اپريل 2021ع) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ مبينه ملوث جهانگير ترين سان رابطا ڪندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست پنجاب حڪومت تيار ڪري ورتي آهي.

رپورٽ موجب کنڊ اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدار ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن لاڳيتو رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين ڪيس جي حوالي سان بينڪنگ ڪورٽ پهتا ته ان سان گڏ وڪيلن سميت صوبائي وزير به پيش ٿيا. جهانگير ترين سان گڏ صوبائي وزير نعمان لنگڙيال، نذيربلوچ، راجا رياض، سليمان نعيم، غلام بي بي بهروانه، خرم لغاري، چوڌري افتخار گوندل، اسلم بهروانه، طاهر رندهاوا ۽ امير محمد خان شامل هئا.

ان موقعي تي صحافي جهانگير ترين کان سوال ڪيو ته اوهان سان گڏ وزير ۽ ايم پي اي به آيا آهن. جنهن تي جهانگير ترين چيو ته هنن دوستن مون کي فون ڪري چيو ته اوهان اڪيلي ڇو ويندو، اسان اوهان سان گڏ وينداسين. ٻئي طرف وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پنجاب حڪومت جهانگير ترين جي حمايت ۽ رابطو ڪندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست تيار ڪري ورتي آهي.

پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار اڄ اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ اها  فهرست وزيراعظم کي ڏني ويندي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين سان رابطي ۾ رهندڙ ميمبرن جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو.