آمريڪا ۽ ايران جو جوهري معاهدي تي ”ورڪنگ“گروپ“ جي قيام تي اتفاق

news

ويانا: آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ جوهري معاهدي تي ٿيل آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو.

عالمي خابرو اداري موجب يورپي يونين جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ عالمي جوهري معاهدي ۾ واپسي بابت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿيو جنهن ۾ جوهري معاهدي جي ٻين ڌرين پڻ شرڪت ڪئي.

آمريڪا ايران سميت يورپي يونين ۽ جوهري معاهدي جي ٻين ڌرين ڳالهين جي پهرئين دور کي مثبت ۽ تعميري قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڳالهين ۾ شامل سمورين ڌرين ايران تي لڳل پابندين ۽ آمريڪا جي جوهري معاهدي ۾ واپسي لاءِ هڪ ٻئي ورڪنگ جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي.

پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ آمريڪا ۽ ايران چيو آهي ته کين جلد ۾ ڪنهن ڪاميابي جي اميد ناهي پر شروعاتي ڳالهه ٻولهه مثبت رهي ۽ مستقبل ۾ ٻئي ملڪ مثبت انداز ۾ اڳڀرائي جاري رکندا.