سجاول سول اسپتال ۾ جديد طرز تي قائم ايمرجنسي وارڊ جو افتتاح ڪيو ويو

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) سجاول سول اسپتال ۾ جديد طرز تي قائم ايمرجنسي وارڊ جو افتتاح ڪيو ويو.

مرف جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر ملڪ آدم، ڊاڪٽر شھزاد گوپانگ، ڊاڪٽر اشفاق جعفراڻي ۽ ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي موجودگي ۾ مرف طرفان نئين تعمير ڪيل سول اسپتال سجاول ۾ جديد طرز تي ايمرجنسي خدمت شروع ڪئي وئي آهي. سول اسپتال سجاول ۾ سنڌ سرڪار جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروگرام تحت نئون ٽراما سينٽر ۽ ايمرجنسي يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، گذريل سال سيپٽمبر جي مهيني جي طوفاني برساتن سبب پراڻو  ٽراما سينٽر مڪمل  ناڪاره ۽ ناقابل استعمال ٿي چڪو ھو، جنھن سبب ھي نئون يونٽ تعمير ڪري جديد قسم جو سامان پڻ مھيا ڪيو ويو آهي.

مرف انتظاميه موجب قائم ڪيل نئين يونٽ ۾ 16 بسترن جي گنجائش آهي، ان کان علاوه ترت علاج جي گھرج پٽاندر ٽراما روم انتھائي سار سنڀال جو ڪمرو، آبزرويشن جا ڪمرا، عورتن، ٻارن ۽ مردن لاءِ الڳ، واڪ ان ڪلينڪ، سٽرلائيزيشن روم، مرڪزي رجسٽريشن لاءِ ڪائونٽر ۽ سي سي ٽي ڪيمرا سميت ڪافي سھولتون شامل آهن.