ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب آءِ سي يو ۾ هڪ به بيڊ خالي نه آهي: لياقت شاهواڻي

news

ڪوئٽه:(آچر 11 اپريل 2021ع)  بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي چيو آهي ته صوبي  ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. 

سول اسپتال جي آءِ سي يو ۾ هڪ بيڊ به خالي نه آهي. صحافين سان ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته ڪورونا جي ٽئين لهر کي سنجيده وٺڻ جي ضرورت آهي. ڪورونا سبب دٻاءُ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تي هوندو. هن جو چوڻ هو ته هڪ مهيني جي دوران ڪورونا ڪيسز ۾ 5 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي.

هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 9 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن ٻڌايو ته جن ضلعن ۾ ڪيسز جي شرح 8 سيڪڙو تائين پهچندي اتي لاڪ ڊائون لڳايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾  15 ڏينهن لاءِ شادي هال بند ڪيا ويا آهن عوام ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو.