سڪرنڊ ۽ پسگردائي ۾ گرميءَ جي موسم جو پهريون وسڪارو

news

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) سڪرنڊ ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ گرميءَ جي موسم جو پهريون وسڪارو، شام ساڍي چار وڳي کان مٽيءَ جي تيز طوفان سان گڏ شروع ٿيو ۽ ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهيو.

شهر جي هيٺانهن علائقن صحافي چوڪ، عظيم ڪالوني، سچل ڪالوني، شهيد ڪالوني ۽ زئونر ڪالونيءَ ۾ پاڻي بيهجي ويو. تيز هوا سبب دڪانن جا شٽر، ڇپرا ۽ سولر پليٽون آڏامي ويون. جڏھن ته وڻ پڻ ڪري پيا. ڪڻڪ جي ديرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو، گڏ ڪيل بهه جا ڍڳ پڻ هوا ۾ اڏامندا رهيا.

آبادگار ۽ ھاري تيز طوفان ۽ برسات سبب ٿيل نقصان جي ڪري سخت پريشان آهن.