جيڪب آباد ۾ غريب ۽ مستحق عورتن کي لٽيندڙ اي ٽي ايم مشين تي قابض ايجنٽ مافيا جو هڪ ڇاڙتو گرفتار

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد احساس ڪفالت پروگرام تحت غريب ۽ بيواهه عورتن کي ملندڙ امدادي رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو اڃا تائين رڪجي نه سگهيو آھي.

مستحق عورتن جي شڪايت تي حبيب بئنڪ لميٽڊ (ايڇ بي ايل)  جي اي ٽي ايم مشين تي مقرر ايجنٽن مان هڪ ايجنٽ عبدالرئوف عرف فاروق کوسو کي بيواهه عورتن کان ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ھيٺ سٽي ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ ايڇ بي ايل جي اي ٽي ايم مشين تي پئسا ڪڍرائڻ لاءِ اتي موجود مستحق عورتن ۽ ٻين ماڻھن جو چوڻ ھو ته بئنڪ جي اي ٽي ايم مشين تي ايجنٽ مافيا قبضو ڪيو آھي، احساس ڪفالت پروگرام تحت اسان کي ملندڙ امدادي رقم مان پنج سئو کان هڪ ھزار روپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. اسان جي شڪايت تي هڪ ايجنٽ کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آھي.

هنن ايس ايس پي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي اپيل ڪندي چيو ته مستحق عورتن کي ملندڙ امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ٻين ايجنٽن کي به گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته خبر فائيل ٿيڻ تائين گرفتار ايجنٽ عبدالرئوف عرف فاروق کوسو مٿان ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.