اين سي او سي سڀاڻي کان ٽرانسپورٽ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 15 مئي 2021ع) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پبلڪ ٽرانسپورٽ کي سڀاڻي کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل محمودالزمان جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت واري صلاحڪار فيصل سلطان به شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.

فورم عيد موڪلن دوران ايس او پيز کي لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڪاوشن خاص ڪري  سموري ملڪ ۾ عوام طرفان  ڪيل تعاون جي تعريف ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموري بين الصوبائي، انٽرسٽي ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پهرين ڏينهن ڏنل تاريخ 17 مئي جي بجاءِ 16 مئي 2021ع کان  ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

ريلوي 70 سيڪڙو سان گڏ پنهنجي آپريشن کي برقرار رکندو. جڏهن ته 17 مئي کان سموريون آفيسون، بازارون ۽ دڪانون کوليون وينديون. جنهن کي رات جو 9 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت هوندي. جڏهن  ته آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملي سان گڏ ڪم ٻيهر شروع ڪيا ويندا.