آزاد ڪشمير چونڊن کان اڳ(ن) ليگ جو اهم اڳواڻ سردار مير اڪبر خان تحريڪ انصاف ۾ شامل

news

مظفرآباد: (جمعو18  جون 2021ع) آزاد ڪشمير ڪابينه جي اهم ميمبر سردار مير اڪبر خان چونڊن کان اڳ پنهنجي پارٽي مسلم ليگ(ن) کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سردار مير اڪبر خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سينيٽر سيف الله نيازي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علي امين گنڊاپور به موجود هو. ان موقعي تي مير اڪبر خان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۽ تحريڪ انصاف جي منشور تي ڀروسي جو اظهار ڪندي مسلم ليگ(ن) کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي لاءِ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي لاءِ سردار مير اڪبر خان کي ايل اي 16 باغ مان اميدوار نامزد ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي.